سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي

سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي

سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي

سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي: سينٽ اينڊريوز چرچ کي ’اسڪاچ چرچ‘ (Scotch Church) به سڏيندا آهن، هي ڪراچيءَ جي گارڊن روڊ تي، کاٻي هٿ تي صدر ۾ موجود آهي. چرچ جي سامهون جهانگير پارڪ آهي. هي گوٿڪ طرز اڏاوت جي انتهائي خوبصورت عمارت آهي. هن چرچ جي پيڙهه جو پٿر، 6 فبروري 1867ع ۾ ممبئي فوج جي ڪمانڊر انچيف سر رابرٽ نيپئر رکيو هو. هن جو افتتاح 31 ڊسمبر 1869ع تي ٿيو. چرچ جي بلڊنگ کي سنڌ ريلوي جي انجنيئر مسٽر ٽي. جي نيونهم ڊزائين ڪيو هو. هن جي ٽاور جي اوچائي 56 فوٽ آهي. هن جو هال 180 فوٽ ڊگهو ۽ 56 فوٽ ويڪرو آهي. چرچ ۾ 400 ماڻهن جي عبادت جي گنجائش موجود آهي. خوبصورت پارڪ ۽ گهاٽن وڻن ۾ گهيريل هيءَ چرچ هاڻي وڏين اڏاوتي جاين جي وچ ۾ گاڏين جي نڪرندڙ دونهين جي ڪري پنهنجي خوبصورتي وڃائي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1867.02.06  عيسوي

سينٽ اينڊريوز چرچ جي پيڙهه جو پٿر، 6 فبروري 1867ع ۾ ممبئي فوج جي ڪمانڊر انچيف سر رابرٽ نيپئر رکيو هو.



عبادتگاھ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمعدار درگا سنگهه جي سماڌي
سردار خان شر واري مسجد
جوڻيجا مسجد امروٽ شريف
حسين پاتي واري مسجد
شاهه شجاع الملڪ مسجد
شيران والا مندر ڪراچي
سينٽ جوزف چرچ
رومن ڪيٿوليڪ ڪيٿيڊرل
سامتاڻين واري مسجد
شري گرونانڪ صاحب گردوارو ڪشمور
عبادتگاھ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون